شاهه وردي خان کرت

شاهه وردي خان کرت: ڪلهوڙن جي دور ۾ جڏهن سنڌ تي نادر شاهه افشار حملو ڪيو، تڏهن نادر سان خان کرت'>شاهه وردي خان کرت نالي بهادر، دانا امير ۽ سپهه سالار پڻ گڏ هو. جڏهن معاملا طئي ٿي ويا ۽ نادر شاهه واپس وڃڻ لڳو، تڏهن هن کي خبر پئي ته سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ سندس ڪيترائي فوجي ۽ امير گم ٿي ويا آهن. اهو ٻڌندي نادر شاهه وڃڻ وقت خان کرت'>شاهه وردي خان کرت کي انهي مقصد سان سنڌ جي نگراني تي مقرر ڪيو ته جيئن هو گم ٿيل ماڻهو ڳوليندو ايران موڪليندو وڃي. شاهه وردي خان ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي خاص اميرن ۽ وزيرن مان ماڻهو چونڊي پاڻ سان کنيا ۽ ڪافي عرصو ماڻهن جي ڳولا ڪندو رهيو، پر کيس وريو ڪجهه به ڪو نه ۽ آخرڪار بيزار ٿي ايران واپس هليو ويو.


لفظ شاهه وردي خان کرتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو